ديوان عاجز

ديوان عاجز (ڪتاب): ديوان عاجز نامياري شاعر آخوند فقير محمد قريشي صديقيءَ ’عاجز‘ جي سنڌي غزلن جو مجموعو آهي. عاجز سنڌي، پارسي ۽ عربي زبانن ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ مير حسن علي خان ٽالپر جي زور تي تپيداريءَ جي نوڪري ڪيائين، پر جلد انگريزن جا ظلم ڏسي نوڪري ڇڏي ڏنائين. عاجز ميرن جي وظيفي تي گذر سفر ڪرڻ لڳو ۽ اڳتي هلي مير عبدالحسين خان ٽالپر جي سفارش تي کيس نوابشاهه ۾ اڍائي سؤ ايڪڙ زمين ملي، محمد بخش واصف شاعريءَ ۾ سندس شاگرد هو. عاجز شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. ديوان عاجز ۾ طبعزاد سنڌي غزلن کان سواءِ ڪيترن غزل پارسي شاعرن خاص طرح حافظ شيرازي جا ترجمو ڪيل يا وري تتبع ڪيل آهن. سندس غزلن تي مجاز کان وڌيڪ تصوف جو رنگ چڙهيل آهي. ديوان ۾ غزل رديفن مطابق الف ب وار ترتيب سان رکيل آهن. ديوان عاجز قلمي صورت ۾ سندس اولاد وٽ محفوظ آهي، جيڪو اڃا شايع نه ٿيو آهي.


لفظ ديوان عاجزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو